قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي رواني

لاهور: پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي رواني ٿي وئي آهي ، قومي اسڪواڊ ۾ 21 رانديگر ۽ 13 سپورٽ اسٽاف شامل آهي ، 34 رڪني اسڪواڊ چارٽر جهاز وسيلي لاهور ائير پورٽ کان جوهانسبرگ روانو ٿي ويو .

پاڪستاني ٽيم کي شروعاتي طور گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪرڻو هو پر ڪووڊ 19 جي ڪري اهو ممڪن نه هو .

شيڊول موجب ون ڊي ميچ 2 اپريل تي سينچورين، 4 اپري تي جوهانسبرگ ۽ 7 اپريل تي سينچورين ۾ ٿينديون ، 10 ۽ 12 اپريل تي ٽي 20 ميچز وانڊرز اسٽيڊيم جوهانسبرگ جڏهن ته 14 ۽ 16 اپريل تي سينچورين ۾ ٿينديون.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اپريل ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف وائٽ بال ڪرڪيٽ جي سيريز به کيڏندي.

ڏکڻ آفريڪا جي دوري کان پوءِ قومي ٽيم زمبابوي رواني ٿيندي ، جتي 17 اپريل تي سيريز شروع ٿيندي ، پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٻه ٽيسٽ ۽ 3 ٽي 20 ميچز کيڏيون وينديون .

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي کان 12 مئي تي وطن واپس ايندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔