يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد : يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي،  يوسف رضا گيلاني 30 ميمبرز  جي حمايت جون صحيحون ٿيل  درخواست جمع ڪرائي، پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن موجب يوسف رضا گيلاني 30 ميمبرز جي حمايت جي صحيح سان گڏ درخواست جمع ڪرائي، ٻئي پاسي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي پيپلزپارٽي کي ٻن آزاد ميمبرز جي حمايت به ملي وئي آهي. ذريعن موجب 2 آزاد ميمبرز، سينيٽر هدايت الله ۽ سينيٽر هلال الرحمان يوسف رضا گيلاني جي حمايت ۾ صحيح ڪئي، جنهن بعد پيپلزپارٽي کي مجموعي طور 26  سينيٽ ميمبرز جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان عوامي پارٽي جو سينيٽ ۾ فاروڊ بلاڪ ٺهي ويو آهي، جنهن ۾ سينيٽر دلاور خان، سينيٽر احمد، سينيٽر کهدا بابر ۽ سينيٽر ثمينه ممتاز شامل آهن، ذريعن موجب فاروڊ بلاڪ اپوزيشن ليڊر جي لاءِ يوسف رضا گيلاني جي حمايت ڪري سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔