پاڪستان جي پهرين ٽي وي ميزبان جو اعزاز رکندڙ ريڊيو انائونسر ڪنول نصير به هي دنيا ڇڏي وئي

پاڪستان جي پهرين ٽي وي ميزبان جو اعزاز رکندڙ ميزبان ۽ ريڊيو انائونسر ڪنول نصير 70 سال جي عمر ۾ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري وئي.

ڪنول نصير ريڊيو ۽ ٽي وي تي 5 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ڪم ڪيو، هن رڳو 17 ورهين جي ڄمار ۾ ئي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي.

ڪنول نصير اها پهرين عورت هئي جنهن 26 نومبر 1964 تي ناليواري ميزبان طارق عزيز سان گڏ پاڪستان ٽيلي ويزن ( پي ٽي وي) تي پهريون ڀيرو ميزباني جا فرض سرانجام ڏنا .

ڪنول نصير پي ٽي وي تي پهريون ڀيرو اهو اعلان ڪيو هو ته ”هي پاڪستان ٽيلي ويزن آهي“ ، ان سان گڏ طارق عزيز کي پهرين مرد ٽي وي ميزبان جو اعزاز حاصل هو .

ڪنول نصير ڪجهه عرصو اڳ ڊائيبٽيزجي مرض ۾ مبتلا هئي ۽ کيس ڪجهه ڏينهن اڳ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو ، جتي هوءَ پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي ملي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔