خطي ۾ امن ۽ سلامتي چاهيون ٿا،ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب،مذهبي انتها پسندي جي سياست کي ختم ڪيو:صدر عارف علوي

اسلام آباد :اسلام آباد ۾ يومِ پاڪستان جَي حوالي سان فوجي پريڊ ٿي ، جنهن ۾ صدر عارف علوي ۽ ٽنهي هٿياربندن فوجن جا سربراهه شريڪ ٿيا، وزير اعظم عمران خان ڪورونا ۾ مبتلا هئڻ سبب شريڪ نه ٿي سگهيو، پريڊ ۾ چئني صوبن جا ثقافتي رنگ به نروار ڪيا ويا، هوائي فوج جي شاهينن طرفان جي ايف ٿنڊر ۽ ٻين جنگي جهازن ذريعي شاندار ڪرتب ڏيکاريا سلامي پيش ڪئي وئي. صدر پاڪستان عارف علوي چيو آهي ته ضرب عضب ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي جي دنيا معترف آهي، پاڪ فوج آپريشن رد الفساد ۾ دهشتگردي جي نيسٽ ورڪ کي نيست ۽ نابود ڪيو، اسان پوري خطي ۾ امن ۽ سلامتي چاهيون ٿا ۽ ترقي جا خواهشمند آهيون، ڏکڻ ايشيا جي قيادت تعصب، مذهبي انتها پسندي جي سياست کي ختم ڪري ڇڏي، يوم پاڪستان جي پريڊ واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو آهي ته اسان پنهنجي سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پر عزم ۽ هر قسم جي صلاحيت رکون ٿا، اسان پنهنجي آزادي جي هر قيمت تي دفاع ڪنداسين، اڄ پاڪستان هڪ ايٽمي قوت آهي، پر امن ۽ بقا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آهي، اسان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو آهي ته ڪشميرين مٿان ظلم تي پاڪستان سوڌو سڄي دنيا کي ڳڻتي آهي ۽ 5 آگسٽ جو قدم گڏيل قومن جي قراردادن جي کلي ڀڃڪڙي آهي، اسان هر فورم تي ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪر رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، جڏهن ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ظلم جبر جو نوٽيس وڃي، صدر عارف علوي عظيم الشان پريڊ منعق ڪرڻ تي پاڪ فوج ۽ پوري قوم کي مبارڪون پڻ ڏنيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔