بائيڊن جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اتر ڪوريا جو پهريون بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو

پيونگ يانگ :اتر ڪوريا آمريڪي صدر جو بائيڊن طرفان اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو ڪيو آهي.
ڏکڻ ڪوريا جي فوج موجب ويجهي فاصلي تائين مار ڪندڙ اهي ٻئي ميزائل کليل سمنڊ ڏانهن فائر ڪيا ويا.
واضح رهي ته گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب اتر ڪوريا تي جوهري هٿيارن جي پروگرام ۽ بيلسٽڪ ميزائلن جي تجربي تي پابندي آهي، ڇو ته ان جا ڪجهه ڊيزائن اهڙا آهن، جيڪي جوهري وار هيڊ کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔