ڇهه فٽ ڊگها وار رکندڙ روسي عورت جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

ماسڪو: روسي عورت چيو آهي ته مون ننڍي عمر ۾ 17 سال اڳ سهيلي سان شرط لڳائڻ کان پوءِ پنهنجا وار ناهن ڪٽرايا.24 ساله ڊائره گوبانوفا روس جي رهواسڻ آهي. هن 14 سالن جي عمر ۾ پنهنجا وار وڌائڻ شروع ڪيا جنهن جي ڊيگهه هاڻ تقريبن 2 ميٽر ٿي چڪي آهي. هن جي ڊگهن وارن کي ان ڏينهن کان قينچي ناهي لڳي جڏهن هن اسڪول جي ميدان ۾ پنهنجي سهيلي سان شرط لڳائي هئي.سندس وارن جي ڊيگهه 172 سينٽر ميٽر آهي. خوبصورت ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڊگهن وارن واري ڊائرگ جا انسٽاگرام تي 1 لک 64 هزار کان وڌيڪ فالوورز آهن. ڊائره عالمي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مرد ماڻهو گهڻو ڪري منهنجن ڊگهن وارن کي پسند ڪندا آهن. پر عورتون ڪڏهن ڪڏهن منفي ڪمنٽس ڏينديون آهن.روسي عورت جي 11 ساله ڌيءَ به ڪجهه پوسٽن ۾ ان سان گڏ نظر ايندي آهي ۽ هو چاهي ٿي ته پنهنجي امڙ جيان ان جا وار به ڊگها هجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔