آءِ فون جو چارجر ڦاٽڻ سبب برطانوي ڇوڪري جو چهرو سڙي ويو

لنڊن: مشهور اسمارٽ فون ڪمپني ايپل آءِ فون جو چارجر ڦاٽڻ سبب ڇوڪريءَ جو چهرو سڙي ويو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي جي رپورٽ موجب برطانيه جي شهر برمنگهم سان تعلق رکندڙ 17 ساله ايمي ٻڌايو ته مان موبائل کي چارجنگ تي لڳائي سمهي رهيس.ڪجهه دير کان پوءِ هڪ ڌماڪي سان چارجر ڦاٽي پيو. ڇوڪري ٻڌايو ته ڌماڪي جي آواز ٻڌي مان هڪدم بستري تان اٿيس پر ڌماڪي سبب ڪجهه چڻنگون منهنجي چهري تي ڪريون جنهن سبب منهنجو ڳل سڙي ويو. ايمي مدد جي لاءِ پنهنجي ماءُ کي آواز ڏنو جنهن فورن اچي ڪمري ۾ لڳل باهه کي وسايو.رپورٽ موجب ايمي ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته هو پنهنجو موبائل رات جو چارجنگ تي لڳائي نه ڇڏين. هن چيو ته مان ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته ائين ڪرڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. مان اڃان تائين هن ڌماڪي جي آواز واري شاق مان ٻاهر ناهيان نڪري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔