آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد : آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
آءِ ايم ايف پڌرائيءَ موجب پاڪستاني اختيارين اوسر جي شرح ۾ واڌ، ادارن جي سڌارن، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ معاشي سڌارن لاءِ جارحاڻا قدم کنيا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي بجيٽ سپورٽ طور مجموعي طور تقريبن 2 ارب ڊالرن جي رقم جاري ڪئي وئي آهي، پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالر قرض پروگرام جي منظوري جولاءِ 2019 ۾ ڏني وئي هئي ۽ آءِ ايم ايف جو اهو پروگرام 39 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو آهي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستاني اختيارين اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري ۽ ڪارپوريٽ ٽيڪس ۾ سڌارا جاري رکيا، پاور سيڪٽر ۾ قيمت جي وصولي ۽ قانونن جي بهتري لاءِ سڌارا جاري آهن، رياستي ادارن جي انتظاميا کي بهتر بڻايو ويندو.
پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪورونا باوجود وچ مدي جي پاليسين ادارن جي سڌارن ۾ توازن رکيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ٽارگيٽڊ سپورٽ ۽ استحڪام لاءِ احتياط کان ڪم ورتو ويو، بهتر ٽيڪس وصولي ۽ ٽيڪس وصولين ۾ صوبائي حصو وڌائڻ سان قرض گهٽتائي ۾ بهتري ايندي، ايندڙ مالي سال جا هدف جنرل سيلز ۽ ذاتي آمدني ۾ ٽيڪس سڌارن تي ڀاڙيندا.
پڌرائيءَ موجب تازن قدمن سان توانائي شعبي ۾ رهتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي، پاڪستان لاءِ اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ جي ايڪشن پلان تي عمل ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔