قومي اسڪواڊ جي سمورن ميمبرن جي ڪورونا رپورٽ منفي اچي وئي

لاهور : قومي اسڪواڊ جي سمورن 35 ميمبرن جي ڪورونا ٽيسٽ ٿي جنهن جي رپورٽ منفي آئي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي اسڪواڊ جي 35 ڪارڪنن ۾ 22 رانديگر ۽ 13 ٽيم آفيشلز شامل آهن.
پي سي بي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ساڍي 9 وڳي چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي پرڏيهي دوري تي رواني ٿيندي.
ڏکڻ آفريقا جي روانگي کان اڳ ڪرڪيٽ اسڪواڊ جي چوٿين ڪورونا ٽيسٽنگ گذريل ڏينهن ٿي هئي، ان کان پهريان ٽي ڀيرا قومي اسڪواڊ جي ڪورونا ٽيسٽ ٿي چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔