آصف زرداري ۽ فضل الرحمان جو ٽيليفون تي رابطو، اختلافي معاملا ملي حل ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سمورا اختلافي معاملا ملي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ذريعن ٻڌايو آهي ته مولانا فضل الرحمان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين کي گڏيل فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

فيصلي موجب سينيٽ ۾  اپوزيشن اڳواڻ جي سيٽ(ن) ليگ جي آهي. ذريعن موجب  مولانا فضل الرحمان چيو ته اميد آهي ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي گڏيل فيصلن جو احترام ڪندي.

ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن سمورا معملا ملي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ پي ڊي ايم اڳواڻن جي مداخلت کان پوءِ ٻنهي پارٽين پنهنجي ڪارڪنن ۽ ترجمانن کي مخالف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔