جيترو برداشت ڪرڻو هو ڪري ورتو، بلاول سان ڪي به اختلاف ناهن: مريم نواز

لاهور : مريم نواز جِي 12 اپريل تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي ، لاهور هاءِ ڪورٽ نيب کي نون ليگ جِي نائب صدر جِي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، 10-10لک رپيا 2 مچلڪا جمع ڪرائڻ جِي هدايت ڪئي وئي، نيب چوڌري شگر ملز ۽ جاتي امراءَ ايراضي ڪيس ۾ مريم نواز کي 26 مارچ تي طلب ڪيو آهي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو آهي ته جيترو برداشت ڪرڻو هو ڪري ورتو، هِن ڀيري سولو ٽارگيٽ ناهي ٿيڻو، نيب کي نيب کانسواءِ سڀ هلائي رهيا آهن، سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ڪجهه ڪامن گولز لاءِ اسان پي ڊي ايم ۾ گڏ آهيون، پي ڊي ايم پاڻ لائحه عمل طئه ڪندي، اُن ۾ ڪنهن ٻئي جو عمل دخل نه آهي، آئون رواداري واري سياست ۽ لاڳاپن کي نڀائڻ گهران ٿي، مون فيصلو ڪيو آهي ته حڪومت جي انتقام کي روڪڻ سان گڏ اُن جو مقابلو ڪرڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔