سڄي سنڌ ۾ تعليمي ادارا معمول موجب کليل رهندا :سعيد غني

ڪراچي : سنڌ جي تعليم کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ تعليمي ادارا معمول موجب کليل رهندا ۽ ايس او پيز تحت صرف 50 سيڪڙو ٻارڙن کي گهرايو ويندو ۽ سمورا نجي توڙي سرڪاري تعليمي ادارا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد جا پابند هوندا. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به تعليمي اداري ۾ ڪورونا وائرس جو ڪو ڪيس سامهون اچي ته ان اسڪول يا ڪاليج کي بند ڪيو ويندو، سعيد غني چيو آهي ته جڪيڪڏهن تعليمي ادارا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندا ته نه صرف ان کي بند ڪيو ويندو پر انهن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي به ڪئي ويندي، هن چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلن ۽ شيڊول جي موجب امتحان پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔