ڪڪڙ کانپوءِ ڳائو گوشت به مهانگو ٿي ويو، عوام جون دانهون

ڪراچي : ڪڪڙ جي گوشت کانپوءِ ڳائو گوشت به 50 رپيا في ڪلو مهانگو ٿي ويو.
ميٽ مرچنٽس ايسوسيئيشن چيئرمين نديم قريشي موجب سپلاءِ گهٽ آهي ۽ مال ايڪسپورٽ ٿي رهيو آهي، ايڪسپورٽر مال پالڻ بدران مقامي پڙين مان خريد ڪري رهيا آهن، جنهن سبب گوشت مهانگو ٿيو آهي.
هوڏانهن دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ڳائي گوشت جي قيمت قرباني جي عيد لاءِ خريداري سبب به وڌي آهي.
ٻئي پاسي شهرين جو چوڻ آهي ته هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، اڳ ۾ ڪڪڙ جو گوشت ۽ هاڻ ڳائو گوشت به مهانگو ڪيو ويو آهي، ڳئون جو هڏي وارو گوشت 700 رپيا ۽ بنا هڏي گوشت 750 رپيا في ڪلو ملي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔