سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي وري مٽي جَي طوفان سان وسڪارو

ڪراچي : سنڌ جَي ڪيترن ئِي هنڌن تي ڪٿي تيز ته ڪٿي وري مٽي جَي طوفان سان وسڪارو ٿيو ، جوهي ۾ خوفناڪ ڳڙو، برسات ۽ مٽي جَي طوفان سبب حادثن ۽ واقعن ۾ ٻارن سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، دادو، نواب ولي محمد ۽ شاهپور جهانيان ۾ به ڳڙي سان وسڪارو ٿيو ، قمبرشهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، نوشهرو فيروز، سکر، خيرپور، نوابشاهه ۽ ٻين ضلعن ۾ برسات سبب فصلن کي نقصان، لاڙڪاڻي ۾ مٽي جَي طوفان سبب سچل ڪالوني ۾ گهر جِي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن منور ڀٽو ۽ سندس ٽن ورهين جِي ڀائٽِي بختاور فوت ٿي ويا، قمبر ويجهو ڳوٺ پنجو چانڊيو ۾ وڄ ڪرڻ سبب 8 ورهين جِي نينگري صائمه چانڊيو حياتي وڃائي ويٺي، وڳڻ لڳ ڀت ڊهڻ سبب هڪ نينگري نجمه دٻجي فوت، 2 ٻارڙا زخمي، ڪوٽڏيجي لڳ وڄ ڪرڻ سبب کجين کي باهه لڳي وئي، علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔