پاڪستان ان لاءِ نه ٺهيو هو ته زرداري ۽ شريف امير ٿين:وزيراعظم

مالاڪنڊ: وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان ڪري نه ٺهيو آهي ته زرداري ۽ شريف امير ٿي وڃن.

يونيورسٽي آف مالاڪنڊ جي نئين بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته 30 سالن ۾ ملڪ جو پيسو چوري ڪيو ويو، کين پاڻ کي ئي خبر ناهي ته سندن دولت ڪيتري آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اها انهن جي پيسي جي ئي لعنت آهي جو سندن ٻار ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، لعنت آهي اهڙي پيسي تي، ڪڏهن اسپتال ٿا وڃن ته ڪڏهن جيل ٿا وڃن.

هن اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته هي ملڪ ان ڪري نه ٺهيو ته زرداري ۽ شريف ٽاٽا،برلا امير ٿين. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔