نيب پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن (پسما) جي چيئرمين سڪندر محمد خان کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد : نيب پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن (پسما) جي چيئرمين سڪندر محمد خان کي طلب ڪري ورتو. کنڊ بحران اسڪينڊل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ته نيب  راولپنڊي جي سمورن لاڳاپيل ادارن کان رڪارڊ ملي ويو آهي ۽ نيب هاڻ کنڊ اسڪينڊل سان سلهاڙيل سمورين شخصيتن کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين سڪندر محمد خان کي طلبي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو. ذريعن موجب پسما چيئرمين کي 25 مارچ تي نيب آفيس اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي ۽ هن کي سمورو رڪارڊ ساڻ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔