موسميات کاتي آچر کان اڱاري تائين ملڪ ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي : موسميات کاتي آچر کان اڱاري تائين ملڪ ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات پوڻ کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي ويندي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه کان هوائن جو سلسلو ڇنڇر جي ڏينهن پاڪستان ۾ داخل ٿيندو ۽ آچر جي ڏهاڙي وچ وارن علائقن تائين پکڙجي ويندو، ڪوئٽا، زوب، سبي، شهيد بينظير آباد، جيڪب آباد، سکر لاڙڪاڻو، ڪشمير، گلگت بلتستان، چترال، ايبٽ آباد، پشاور، ڊيره اسماعيل خان، اسلام آباد، جهلم، ڊي جي خان، ملتان، ساهيوال، بکر، سرگوڌا، خوشاب، سيالڪوٽ ۽ جهنگ ۾ برسات پوندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔