پي پي ڊي ايم ٽوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن پر اسان ٻار ناهيون: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي پي ڊي ايم ٽوڙڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن پر اسان ٻار ناهيون. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته الله اسان کي عقل ڏنو آهي جيڪڏهن پنهنجو نفعو نقصان نه سمجهي سگهون ته پوءِ اسان کي سياست ڪرڻ جو ڪو حق ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري سميت سمورا اڳواڻ رابطي ۾ آهن، پ پ سي اي سي جو اجلاس گهرايو آهي، کانئبن مثبت جواب جي اميد آهي. هن وڌيڪ چيو ته پهرين مرحلي ۾ قومي اسيمبلي مان استعيفائون ڏنيون وڃن، ٻئي مرحلي ۾ صوبائي اسيمبلين مان، سنڌ اسيمبلي مان استعيفائون ڏيڻ جي سڀ کان آخر ۾ تجويز آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان وٽ احتجاجي تحريڪ کان علاوه ڪو رستو ناهي، ايوانن ۾ وڙهڻو هو ته پوءِ پي ڊي ايم ڇو ٺاهي وئي؟ اسان کي اسيمبلين ۾ وڇڻ يا عوام وٽ وڃڻ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔