ڏکڻ آفريقا جي دوري لاءِ چونڊ ڪيل رانديگر جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويو

لاهور: ڏکڻ آفريقا جي دوري لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل هڪ رانديگر جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسڪواڊ ۾ شامل 35 ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ منفي آئي آهي اهي خميس تي لاهور پهچندا.
پي سي بي موجب قومي اسڪواڊ جي تربيتي ڪيمپ جمعي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندو جڏهن ته ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ وارن ڪرڪيٽرن جو ٽيسٽ هاڻ خميس تي ٿيندو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيسٽ منفي اچڻ جي صورت ۾ رانديگر کي لاهور اچڻ جي اجازت هوندي ۽ پوءِ 2 ڏينهن جي آئسوليشن کانپوءِ ٽيون ٽيسٽ ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔