آمريڪا ۾ ٽن مساج پارلرز تي حملو، عورتن سميت اٺ ڄڻا مارجي ويا

اٽلانٽا: آمريڪي رياست جارجيا ۾ ٽن مساج پارلز تي فائرنگ سبب 8 ڄڻا مارجي ويا.
آمريڪي ميڊيا موجب فائرنگ جا واقعا ٽن الڳ الڳ جاين تي ٿيا آهن جن ۾ هڪ ئي ماڻهو ملوث آهي، ان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
مارجي ويلن ۾ گهڻو انگ ايشيائي عورتن جو آهي، پهريون واقعو چيروڪي ڪائونٽي ۾ پيش آيو جتي ينگز ايشين مساج پارلرز تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 2 ايشيائي عورتن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
ٻيون واقعو رياستي راڄڌاني اٽلانٽا ۾ پيش آيو جتي پوليس کي گولڊ اسپا بيوٽي سيلون ۾ ڌاڙي جو اطلاع مليو، پوليس جڏهن واردات واري جاءِ پهتي ته اتي گوليون لڳل ٽن عورتن جا لاش هٿ آيا.
اڃان پوليس اتي جاچ ڪري رهي هئي ته ان ئي گهٽي جي ٻي ڪنڊ ۾ هڪ عورت جو لاش مليو، چئن ئي عورتن جو تعلق ايشيا سان آهي.
پوليس سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان 21 سالن جي شڪي گوري نوجوان رابرٽ لانگ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو چيروڪي ڪائونٽي جو رهاڪو آهي، پوليس اهو ڳولڻ ۾ لڳل آهي ته ڪٿي کين نسل پرستي جي بنياد تي ته نه قتل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ئي ڏينهن اڳ آمريڪي صدر جوبائيڊن ٽي وي تي قوم سان خطاب دوران ايشيائي آمريڪين سان امتيازي سلوڪ وارن واقعن جي مذمت ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔