وويڪ اوبراءِ ۽ سلمان خان ۾ ورهين جي دشمني ختم ٿيڻ لڳي

ممبئي: ڀارتي اداڪار وويڪ اوبراءِ ۽ سلمان خان ۾ پراڻي دشمني آهي جيڪا هاڻ ختم ٿيڻ لڳي آهي.
ايشوريا راءِ تان اختلافن سبب سلمان ۽ وويڪ جي پاڻ ۾ دشمني ٿي پئي جيڪا هاڻ ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي.وويڪ اوبراءِ سلمان خان جي فيملي پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، وويڪ کي سلمان خان جي ننڍي ڀاءُ سهيل خان جي زال سيما خان پنهنجي سالگرهه جي دعوت ڏني، جنهن ۾ وويڪ به پهچي ويو.اداڪار کي سلمان خان جي گهر خانگي تقريب ۾ ڏسي سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا، وويڪ پاران پارٽي ۾ شرڪت سان 28 سالن کانپوءِ ائين لڳي رهيو آهي ته هنن جي پاڻ ۾ دشمني هاڻ ختم ٿي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔