لاهور يونيورسٽي واقعو: مرضي سان شادي ڪرڻ هر ڇوڪريءَ جو بنيادي حق آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مرضي سان شادي هر ڇوڪريءَ جو بنيادي حق آهي، ڇوڪرين کي پراپرٽي سمجهڻ اسلام جي خلاف آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي توئٽ ۾ نجي يونيورسٽي ۾ پيش ايندڙ واقعي تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته مرضي سان شادي هر ڇوڪريءَ جو بنيادي حق آهي. ڇوڪرين کي پراپرٽي سمجهڻ اسلام جي خلاف آهي. وفاقي وزير چيو ته اسلام عورتن کي جيڪي حق ڏئي ٿو.

مرضي جي شادي ان حقن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي. يونيورسٽي انتظاميه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. واضح رهي ته 8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي لاهور جي هڪ نجي يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي پنهنجي ساٿي شاگرد سان شادي ڪرڻ جو اظهار ڪيو هو. جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي ۽ يونيورستي انتظاميه ٻنهي شاگردن کي يونيورسٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔