ڪورونا وبا جي ڪري اڻهتر ملڪن جي سياحت بند

ميڊرڊ: ڪورونا وبا جي ڦهلاءَ کي نظر ۾ رکندي سموري دنيا جي 69 ملڪن ۾ سياحت بند ڪئي وئي.
سياحت جي عالمي تنظيم پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ڪورونا وبا جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ پوري دنيا ۾ سعودي عرب سميت 69 ملڪن ۾ سياحت بند ڪئي وئي.
رپورٽ موجب فيبروري 2021 کانپوءِ دنيا جي 32 سيڪڙو ملڪن عالمي سياحت بند ڪئي آهي، انهن ۾ 38 سيڪڙو اهڙا آهن جيڪي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي لاءِ بند آهي، جڏهن ته 34 سيڪڙو ملڪ عالمي سياحت لاءِ جزوي طور بند آهن.
جن ملڪن ۾ سياحت تي پابندي هئني وئي آهي انهن مان 30 سيڪڙو ايشيا ۽ بحرالڪاهل، 15 سيڪڙو يورپ،11 سيڪڙو آفريقا ۽ 10 جو تعلق آمريڪا سان آهي، ٽي ملڪ وچ اوڀر سان تعلق رکن ٿا جن مان هڪ سعودي عرب پڻ آهي، سياحت جي عالمي تنظيم موجب وبا جي مسلسل خطرن جي ڪري مختلف ملڪن جي حڪومتن گهڻو احتياط ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔