ڪوئيٽا ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر زهريلي گيس جو ڌماڪو، 6 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوئٽا: اورماڙ جي ڪوئلي واري کاڻ اندر زهريلي گيس ڀرجي وڃڻ ڪري ڌماڪي سان 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته ٻن کي زندهه بڄايو ويو.

چيف مائنز انسپيڪٽر فياض موجب اورماڙ جي علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر گيس ڀرجي وڃڻ ڪري ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ کاڻ اندر ڪم ڪندڙ 8 ڄڻا ڦاسي پيا.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي مائنز کاتو ۽ پي ڊي ايم جون ريسڪيون ٽيمون پهچي ويون جن 15 ڪلاڪن جي ريسڪيو آپريشن سان ٻن ڄڻن کي بچائي ورتو جڏهن ته 6 ڄڻن عبدالرحمان، سردار ولي، مدد علي، عبدالرزاق، شفيق ۽ محمد رحيم جا لاش ڪڍيا.

ان موقعي تي چيف مائنز انسپيڪٽر ٻڌايو ته کاڻ 7 کان 800 فٽ گهري هجڻ ۽ ان ۾ ڀرجي ويل گيس جي خارج ۾ وقت لڳو جڏهن ته حادثي جو شڪار ڪوئلي جي کاڻ کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔