48 نون چونڊيل سينيٽرز حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: سينيٽ جي اڄوڪي اجلاس ۾ سينيٽ جي 48 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي، جن ۾ گهڻن سينيٽرز جو تعلق تحريڪ انصاف سان آهي.

سينيٽ جي نون ميمبرن 6 سالن جي مدي يعني 2021 کان 2027 تائين سينيٽر جي عهدي لاءِ قسم کڻي ورتو آهي.

پي ٽي آءِ جي محسن عزيز، لياقت تراڪئي، شبلي فراز، فيصل سليم، ذيشان خانزاده، دوست محمد خان، همايون مهمند حلف کنيو، ان کان علاوه ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ سنگهه، فوزيا ارشد، سيف الله نيازي، عون عباس، اعجاز چوڌري، علي ظفر به حلف کنيو، پي ٽي آءِ جي فيصل ووڊا، سيف الله ابڙو ۽ عبدالقادر به حلف کنيو.

پيپلزپارٽي جي 8 سينيٽرز جن ۾ شيري رحمان، سليم مانڊي والا، تاج حيدر،شهادت اعواڻ، ڄام مهتاب، پلوشه خان، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ يوسف رضا گيلاني به سينيٽر جي طور حلف کنيو.

مسلم ليگ جي 5 سينيٽرز ڊاڪٽر عفنان الله، سعديه عباسي، ساجد مير، اعظم نزير تارڙ ۽ عرفان صديقي به حلف کنيو.

جميعت علماءِ اسلام ف جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، ڪامران مرتضيٰ ۽ عطاء الرحمان به سينيٽر جو حلف کنيو.

اي اين پي جي هدايت الله ۽ عمر فاروق، ايم ڪيو ايم جي فيصل سبزواري ۽ خالده اطيب، بي اين پي جي محمد قاسم ۽ نسيمه احسان جڏهن ته مسلم ليگ ق جو ڪامل علي آغا به حلف کڻندڙن ۾ شامل آهن.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔