وفاقي سرڪار به سينيٽ ۾ پولنگ بوٿ تي ڪئميراز لڳائڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : وفاقي سرڪار به سينيٽ ۾ پولنگ بوٿ تي ڪئميراز لڳائڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته جِن ڪئميراز ڏٺيون آهن، انهن ئي ايوان  ڪئميراز لڳايون، اپوزيشن جو ڪوڙ پڪڙجي پيو، پولنگ بوٿ ۾ اپوزيشن پاڻ ڪئميراز لڳايون ۽ ڊرامو ڪيو، پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان چونڊن جي شفافيت جي پوري ڪوشش ڪئي ته ووٽ خراب ڪرڻ جو طريقو علي حيدر گيلاني ڏنو، هن چيو آهي ته اپوزيشن ميمبرن جي سازش سامهون اچي وئي، پيسن سان سياست کي ڪاروبار بڻائڻ واري بينقاب ٿي ويا آهن، اپوزيشن ڊرامو ڪيو آهي، اسان ٻڌائينداسين ته ڪير ايجنٽس آهن  جيڪي پ پ ۽ ن ليگ جا حمايتي آهن. شبلي فراز چيو آهي ته اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾ گهٽ تعداد باوجود اليڪشن کٽي آهي، سڀ کي خبر آهي ته ڪير پيسا وٺي اسلام آباد ۾ گهمي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔