سينيٽ اندر پولنگ بوٿس ۾ ڪئميرا لڳائڻ خلاف اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ ووٽنگ کان اڳ پولنگ بوٿس سوڌو ايوان جي مختلف حصن ۾ ڳجهيون ڪئميراز لڳائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اپوزيشن ميمبرز پولنگ بوٿ ۽ اُن جي ڀرپاسي لڳل ڪئميرا جي نشاندهي ڪئي ۽ ايوان ۾ سخت احتجاج ڪيو، سينيٽر رضا رباني ايوان ۾ ڳجهيون ڪئميراز لڳائڻ واري عمل کي غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو، اپوزيشن جي احتجاج بعد پرزائيڊنگ آفيسر سيد مظفر شاهه نوان پولنگ بوٿ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، تفصيل موجب، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊن جي موقعي تي ايوان ۾ پولنگ جي جڳهه هتي ڳجهيون ڪئميرا لڳڻ هجڻ واري مامري تي اپوزيشن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو آهي، سينيٽ جو اجلاس پرزائيڊنگ آفيسر مظفر حسين شاهه جي صدارت ۾ شروع ٿيو، ان دوران چونڊجي آيل نون سينيٽرز کان حلف ورتو ويو، ميمرز جي ئي حلف کڻي بس ڪيو ته اپوزيشن ميمبرز گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، پ پ سينيٽر ميان رضا رباني پولنگ بوٿ ۾ ڪيئمرائون لڳائڻ کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو ته مڪمل طور جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، ان موقعي تي مخالف ڌر جي ميمبرن پاران شيم شيم جا نعرا به هنيا ويا ۽ ايوان ۾ گوڙ ڪرڻ شورع ڪري ڇڏيو، ان موقعي قتي پرزائيڊنگ آفيسر ميان رضا رباني کي چيو ته اوهان سينيٽ چيئرمين رهيا آھيو، مون اوهان کي ٻڌو آھي، مان هدايت ڪيان ٿو ته پولنگ بوٿ نئين سر قائم ڪيو وڃي ان جو اوهان جائزو وٺجو، ايوان کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي مصطفي نواز کوکر ۽ مصدق ملڪ چيو ته سينيٽ جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته ڇو ڪئميرائون لڳل آھن، اسان هن کان پڇيوسين ته سيڪرٽري ڪو جواب نه ڏئي سگهيو، مصطفي نواز کوکر چيو ته هن کان اڳ مان ۽ ميان رضارباني پولنگ پوٿ پلاسٽڪ باڪس به کولياسين ته پولنگ باڪس جي باڪس اندران به ڪئميرا نڪتي، مصدق ملڪ چيو آهي ته ڳجهون ڪئميرائون پڪڙيون ويون آھن، ان ۾ ڪير ملوث آھي سڀني کي معلوم آھي، هي شرم جوڳي ڳالهه آھي. واضح رهي ته حڪومت طرفان صادق سنجراڻي ۽ پي ڊي ايم طرفان يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ چيئرمين طور نامزد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔