غوث علي شاهه جي گهر جو جهيڙو نه نبريو، سندس پٽ عدالت پهچي ويو

خيرپور : اڳوڻي وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه جي گهر جو جهيڙو نه نبريو، سندس پٽ عدالت پهچي ويو، والد سيد غوث علي شاهه، ڀاءُ سيد صفدر حيدر شاهه ۽ مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت 17 ڄڻن خلاف حراسان ڪرڻ جا الزام، تحفظ فراهم ڪرڻ جي استدعا. خبر موجب اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه، سندس پٽن ۽ پوٽن جي ٿيل جهيڙي ۾ ٺاپر نه اچي سگهي آهي. ان سلسلي ۾ سيد غوث علي شاهه جي پٽ ڊاڪٽر سيد علي حيدر شاهه، سيد آصف رضا شاهه ۽ سيد علي رضا شاهه طرفان خيرپور جي عدالت ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ حراسان ڪرڻ جي ڌمڪين جي الزامن هيٺ پنهنجي والد سيد غوث علي شاهه، ڀاءُ سيد صفدر حيدر شاهه عرف سيد فرحان شاهه، پريالوءِ، ٻٻرلوءِ، اي سيڪشن، بي سيڪشن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، سي آءِ اي سينٽر جي انچارج، پريالوءِ ٿاڻي تي مقرر ڪرم علي شر، مجاهد شاهه، زاهد ولد محمد حسن لاشاري، الطاف شيخ، طالب شيخ، علي حسن شيخ ۽ اميرو شيخ خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندي تحفظ فراهم ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج مقبول احمد ميمڻ جي عدالت نوٽيس جاري ڪندي پريالوءِ، ٻٻرلوءِ، اي سيڪشن، بي سيڪشن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، سي آءِ اي سينٽر جي انچارج، ڪرم علي شر، مجاهد شاهه, زاهد لاشاري خلاف نوٽيس جاري ڪندي کانئن جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔