سردار چانڊيو وارا سرداري جي آڙ ۾ جاگيرون ٺاهيون ويٺا آهن: ام رباب چانڊيو

دادو: ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ام رباب، سردار چانڊيو ، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت مختصر ٻڌڻي بعد وڌيڪ ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته سردار ۽ برهان چانڊيو جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ لاڙڪاڻو عدالت ۾ پيش ٿياسين، سردار چانڊيو وارا برادري جا سردار ناهن، هي سرداري جي آڙ ۾ جاگيرون ٺاهيون ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔