سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي قافلي سان حادثو، محفوظ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد جي قافلي کي حادثو پيش آيو آهي، سپريم ڪورٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس گلزار احمد، جسٽس يحييٰ آفريدي جي والد جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ڪوهاٽ وڃي رهيو هو ته ان جي قافلي ۾ شامل هڪ گاڏي کي رشڪئي ويجهو حادثو پيش آيو، حادثي ۾ چيف جسٽس ۽ هن جي گاڏي محفوظ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔