اڳوڻي سينيٽر ياسمين شاهه کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ مليل سزا عارضي طور معطل

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي سينيٽر ياسمين شاهه کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ مليل سزا عارضي طور معطل ڪري ڇڏي، ياسمين شاهه جي 5 لک رُپين جي مچلڪن عيوض حفاظتي ضمانت منظور، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ياسمين شاهه جي نظرثاني اپيل تي ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، بدين جي عدالت جعلي ڊگري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پ پ اڳواڻ ياسمين شاهه کي 2 سال قيد ۽ 5 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي، پوليس عدالتي حڪم تي ياسمين شاهه کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل منتقل ڪيو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔