پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن روشن ڪردار ادا ڪيو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن روشن ڪردار ادا ڪيو آهي.

وفاقي وزير شبلي فراز سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته معاشري کي مهذب بنائڻ جي لاءِ عورتن کي بااختيار بنائڻ لازمي آهي. جڏهن ته عورتن کي معاشري ۾ طاقتور ۽ محفوظ بنائڻ اسان جو پڪو عزم آهي. شبلي فراز چيو ته اڄوڪو ڏينهن عورتن جي بلند مقام ۽ ان جي خدمتن ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي ۽ دين اسلام عورتن کي بي مثال حق ڏنا آهن.

هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن جي حقن جو ضامن آهي ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن روشن ڪردار ادا ڪيو آهي. هوڏانهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عورتون سائنس جي شعبي سان لاڳاپيل ٿي پنهنجي منزل جو فيصلو ڪري قوم کي ڪاميابي ڏيارين. سڄي دنيا جي عورتن کي ان خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

سينيٽر فيصل جاويد چيو ته وزيراعظم کان وڌيڪ ڪير عورتن کي خراج تحسين پيش ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم پنهنجي امڙ کي ڪينسر سان جنگ وڙهندي ڏٺو جنهن کان پوءِ هن شوڪت خانم ڪينسر اسپتال قائم ڪيو.

هن چيو ته شهيدن ۽ سپاهين جي عظيم مائرن کي به سلام يپش ڪريون ٿا. بهادر مائرن جي سپوتن پنهنجي جانين جا نذرانه پيش ڪري ملڪ جو دفاع ڪيو. مائرن جي ان بهادر سپوتن جي ڪري ئي پاڪستاني آرام ۽ تحفظ جي ننڊ سمهندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔