نااهلي جو ڊپ: فيصل واوڊا هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ مان قومي اسيمبلي جي ميمبر فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. هن استدعا ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن کي منهنجي خلاف نااهلي ڪيس کان روڪيو وڃي.

وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن جي 24 فيبروري واري فيصلي کي چيلنج ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن حقيقتن جي ابتڙ منهنجي درخواست رد ڪئي. اليڪشن ڪميشن کي منهنجي خلاف شڪايت ٻڌڻ جو اختيار ناهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا حڪم امتناع جي به استدعا ڪئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصل واودا جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي ۽ سڀاڻي ان تي ٻڌڻي ٿيندي.

ياد رهي ته فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت تي اليڪشن ڪميشن ۾ 3  شڪايتون داخل آهن. درخواست جي متن ۾ لکيل آهي ته 2018 اليڪسن جي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت فيصل واوڊا آمريڪي شهريت رکندو هو ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرايو. فيصل واوڊا ڪوڙو حلف ڏئي بدديانتي ڪئي.

وفاقي وزير کي ٻٽي شهريت رکڻ ۽ ڪوڙو حلف نامو ڏيڻ تي نااهل ڪيو وڃي ۽ بطور وزير جي کيس ڪم ڪرڻ کان به روڪيو وڃي.   عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏئي ڪراچي جي تڪ اين اي 249 ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔