ڪيپٽن(ر) صفدر خلاف ڪيس: مريم نواز کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) اثاثن واري جاچ ۾ مريم نواز کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪيپٽن(ر) صفدر جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. نيب ذريعن موجب مريم نواز جي ڪيپٽن(ر) صفدر جي بي ناميدار هجڻ جون  شاهديو مليون آهن. مريم نواز جي نالي تي ڪيپٽن(ر) صفدر سندر ۾ 109 ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي. ڪاغذن موجب موضع مال ۾ زمين مريم نواز جي نالي سان خريد ڪئي وئي آهي. موضع بدوڪي ۾ 82 ڪئنال 2 مرلا جي زمين به مريم نواز جي نالي تي خريد ڪئي وئي آهي.

نيب دستاويزن موجب 14 ڪئنال هڪ مرلا جي زمين رائيونڊ روڊ تي مريم نواز جي نالي سان ٺاهي رکي آهي. مريم نواز رائيونڊ ۾ 200 ايڪٽر جي جي زمين جي بي ناميدار آهي. ڪيپٽن(ر) صفدر جي خلاف 2020 ۾ نيب خيبرپختونخواهه کي شڪايت ملي هئي.

ذريعن جو چون آهي ته لاهور ۾ گهڻيون ملڪيتون هجڻ سبب جاچ نيب لاهور کي منتقل ڪئي وئي آهي. نائب طرفان صدر مسلم ليگ(ن) مريم نواز جو موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي آمدني جي ذريعن بابت تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔