روهڙي ڀرسان ڪراچي ايڪسپريس سان حادثِي کانپوءِ مختلف ريل گاڏيون دير جو شڪار

سکر: روهڙي ڀرسان ڪراچي ايڪسپريس ٽرين سان پيش آيل حادثي بعد مختلف ٽرينز دير جو شڪارٿي ويون، پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرينز جو شيڊول متاثر ٿيڻ سبب ڪيترائي مسافر پريشان ٿي ويا، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته اپ ٽريڪ 16 ڪلاڪن تائين بند هجڻ سبب ٽرينز جي اچ وڃ متاثر ٿي آهي، ٽرينز کي وقت تي منزل تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايف جي آر جي ٽيم ٽرين حادثي جي جاچ لاءِ سکر ۾ موجود، متاثر ٽترين جي ڊرائيورز جا بيان اڄ رڪارڊ ٿيڻ جا امڪان، ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيم حادثي واري جاءِ جو دورو به ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔