وفاقي سرڪارعدالتي ڪارروائي ميڊيا تي لائيوَ ڏيکارڻ واري درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد : وفاقي سرڪار جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نظرثاني درخواستن تي عدالتي ڪارروائي ميڊيا تي لائيوَ ڏيکارڻ واري درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل جا دليل، اٽارني جنرل خالد جاويد چيو ته ڪنهن به ميڊيا هائوس عدالتي ڪارروائي لائيوَ ڏيکارڻ لاءِ درخواست نه ڏني آهي، لائيو لاءِ درخواست ڏيڻ ڪنهن ٻئي جو نه پر ميڊيا هائوسز جو حق آهي، جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چوي ٿو ته ميڊيا تي پابنديون آهن، جسٽس قاضي فائز پرڏيهي عدالتن جي فيصلن تي ڀاڙي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔