ڪينيڊين عورت بائيڪر پاڪستاني بائيڪر سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

لاهور: پاڪستان ۾ ڊگهو وقت گذارڻ کان پوءِ گذريل سال اسلام قبول ڪندڙ ڪينيڊين ٽريول بلاگر روزي گيبرٽيل پاڪستاني سياح عديل عامر سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي.گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي روزي گيبرٽل طرفان مڙس سان گڏ تصوير شيئر ڪندي مداحن کي شادي جي خوشخبري ٻڌائي هئي. ڪينيڊين بلاگر پنهنجي شادي جي اعلان بابت هڪ ڊگهي پوسٽ لکي. روزي گيبرٽيل پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته مان شادي شده آهيان مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته مان پاڪستان ايندس ۽ هن ملڪ، هتان جي عوام ۽ هڪ خاص ماڻهو سان محبت ۾ مبتلا ٿي ويندس.مون سموري زندگي پنهنجي جيون ساٿي ۽ بهترين دوست جي ڳولا ڪئي. ڪينيڊين بلاگر ۽ موٽرسائيڪلسٽ پنهنجي پوسٽ ۾ اڳيان هلي لکي ٿي ته پاڪستان اچڻ کان اڳ مون ڪنهن کي به ڳولڻ جي ضرورت ختم ڪري ڇڏي هئي. مان خدا سان معاهدو ڪيو ته جيڪڏهن مون کي پنهنجي باقي زندگي بنا ڪنهن شخص جي ضرورت جي گذارڻي آهي ۽ صرف پنهنجو پاڻ سان پيار ڪرڻو اهي ته مون کي مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ اهو هاڻ ٿي ويو آهي.هن لکيو آهي ته هاڻ مون کي نه صرف پنهنجو ساٿي مليو پر هڪ بهترين دوست به ملي ويو هي اهو شخص آهي جنهن کي مان تمام گهڻو پسند ڪندي آهيان ۽ تمام گهڻي محبت ڪندي آهيان. بلاگر پنهنجي پوسٽ ۾ پنهنجي مڙس سان محبت جو اظهار ڪندي لکيو ته اهڙو شخص جنهن کي مان هر هڪ ڳالهه بنا ڪنهن رنڊڪ جي ٻڌائي سگهان ٿي جيڪو مون کي چيلنج ڪندو آهي ۽ جيڪو مون کي روزاني بهتر انسان بنائيندو آهي اهو جيڪو مون سان غير مشروط محبت ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔