شاهين شاهه جي پيءُ پٽ لاءِ آفريدي جي ڌيءَ جو رشتو گهري ورتو

ڪراچي: شاهين شاهه آفريدي جي پيءُ پٽ لاءِ شاهد آفريدي جي ڌيءَ جو رشتو گهري ورتو آهي.قومي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي پيءُ اياز خان چيو آهي ته پٽ جي لاءِ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڌيءَ جو رشتو گهريو آهي ۽ ان جي خاندان رضامندي به ظاهر ڪئي آهي.هن چيوته شاهد آفريدي جي خاندان سان پراڻا لاڳاپا آهن. ان حوالي سان شاهد آفريدي جي خانداني ذريعن چيو آهي ته ٻنهي خاندانن ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن پر ٻار اڃان ننڍا آهن ٻن سالن کان پوءِ مهندي جي رسم ادا ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔