افغانستان ۾ فوجي چيڪ پوسٽ مٿان حملو، ست اهلڪار مارجي ويا

ڪابل: 7 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.افغان ميڊيا موجب بلخ جي ضلعي چمتل ۾ فوجي چيڪ پوسٽ تي طالبان ويڙهاڪن حملو ڪري ڏنو. حملو ايترو زوردار هو جو فوجي اهلڪارن کي سنڀلجڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهي پر ان باوجود به فوجي اهلڪارن طرفان مزاحمت ڏيکاري وئي. ٻنهي طرفن کان چڪريون هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيون جنهن جي دوران 7 افغان فوجي اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.حملي آور ڪارروائي کان پوءِ سرڪاري هٿيار ۽ افغان فوج جي گاڏي به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. بلخ صوبي جي گورنر جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته فوجي اهلڪارن طالبان حملي آور جي خلاف سخت مزاحمت ڏيکاري جوابي ڪارروائي ۾ 5 ويڙهاڪ مارجي ويا جن ۾ طالبان جو ضلعي چهار بولاڪ جو ڊپٽي گورنر به شامل آهي.ٻئي طرف طالبان طرفان حملي جي ترديد يا تصديق نه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن دوحه ۾ افغانستان ۾ امن بابت سفير زلمي خليل زاد ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ فيبروري 2020 ۾ ٿيندڙ امن معاهدي سان جڙيل رهڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔