بگ باس جي عرشي خان بالي ووڊ جي دنيا ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار

ممبئي: ڀارت جي مشهور ريئليٽي شو بگ باس سيزن 14 ۾ چيلنجرز جي حيثيت سان قدم رکندڙ ڪنٽسٽنٽ عرشي خان هاڻ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.ننڍي اسڪرين تي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ ڀارتي اداڪاره عرشي خان تازو ئي پنهنجي چاهيندڙن کي خوشخبري ٻڌائي آهي ته هو هاڻ بالي ووڊ جي فلم ۾ اداڪاري ڪندي. عرشي خان ٻڌايو ته هو بالي ووڊ جي فلم ۾ هڪ ڳوٺ جي ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪندي ڊيبيو ڪندي جيڪا عورتن کي بااختيار بنائڻ جي موضوع تي ٺهيل آهي.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي عرشي خان چيو ته مان هن پروجيڪٽ جي لاءِ تمام گهڻي خوش آهيان مان جنهن هدايتڪار سان گڏ ڪم ڪري رهي آهيان ان ئي مون کي ان ڪردار جي لاءِ چونڊ ڪيو آهي ۽ ماڻهو مون کي بالڪل مختلف روپ ۾ ڏسندا. ياد رهي ته ان کان اڳ عرشي خان بگ باس جي سيزن 11 ۾ به جلوه ڏيکاريا هئا جڏهن ته هو ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔