اسان ٻڌائينداسين ته اسپيڪر ڪيستائين ڪرسي تي ويٺو آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: عمران خان جي بي اعتمادي ووٽ جي عوام آڏو ڪابه حيثيت نه آهي، اسان ٻڌائينداسين ته اسپيڪر ڪيستائين ڪرسي تي ويٺو آهي، اسان فيصلو ڪنداسين ته بي اعتمادي رٿ ڪٿي ۽ ڪنهن جي خلاف آڻڻي آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اڍائي سالن کان هايئبرڊ نظام هلي رهيو آهي، اسان سينيٽ چونڊن ۾ نه رڳو حڪومت کي شڪست ڏني، پر سموري نظام ۽ ڪٺ پُتلي حڪومت کي وائکو ڪري ڇڏيو، عمران خان کي يوسف رضا گيلاني کان سکڻ گهرجي، عمران خان جي ايڏي حيثيت ئي نه آهي جو پارليامينٽ ۾ يوسف رضا گيلاني جو نالو کڻي، اسان توهان جيان چور دروازي ذريعي اقتدار جي ڪرسي تي نه آيا آهيون ۽ نه اينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔