عمران خان کي اعتماد جو ووٽ ڏياريندڙن کي کُليل نموني سامهون اچڻو پوندو: مريم نواز

اسلام آباد: عمران خان کي اعتماد جو ووٽ وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪندڙن کي کُليل نموني سامهون اچڻو پوندو، ڊسڪه جيان اسلام آباد ۾ به ڌنڌ ڇائنجي وئي ۽ 16 ووٽ گن پوائنٽ تي ورتا ويا، ڌمڪين ۽ دهمان سان ورتل اعتماد جَي ووٽ جي ڪابه حيثيت ناهي، نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوامي عدالت عمران خان کي شڪست ڏئي ڇڏي، هاڻي اعتماد واري ووٽ جي ڪابه حيثيت نه آهي، سينيٽ چوندن ۾ يوسف رضا گيلاني هٿان هارائڻ تي عمران خان چريائپ جو شڪار ٿي ويو، اهو دور ويو جو توهان ظلم ڪري ڀِت پويان لڪي ويندا هئا، توهان جا ڏينهن ڳڻجي چڪا ۽ هاڻي توهان جي سيڪيورٽي ختم ٿيڻ واري آهي، مريم نواز اسلام آباد ۾ نواز ليگ اڳواڻن تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستاني ٽرمپ رخصت ٿيڻ کان اڳ پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ هٿئين خالي عورت مٿان حملي تي ملڪ جي مائرن ۽ ڀينرن جو ڪنڌ شرم وچان جهُڪي ويو، توهان سيڪيورٽي بنا ٻاهر نڪرو، 22 ڪروڙ عوام توهان لاءِ هٿن ۾ جوتا کنيو بيٺو آهي…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔