ڀارتي نوجوان رڪشي تي گهر ٺاهي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارت ۾ 24 ساله پربهو رڪشي تي هڪ پورٽيبل گهر ٺاهي سڀني جو ڌيان حاصل ڪري ورتو آهي.ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ 24 ساله آرڪيٽيڪچر پربهو حيرت انگيز مهارت ۽ ذهانت جو استعمال ڪندي رڪشي جي ڇت تي هڪ گهر ٺاهي ڇڏيو. گذريل سال تيار ڪيل هن گهر جي شهرت سوشل ميڊيا تي ٿي ته بزنس ٽائيڪون ديوآنند به حيران رهجي ويو. پربهو جي رڪشي تي ٺاهيل گهر ۾ بيڊروم، ڪچن، ٽوائلٽ، باٿ ٽب ۽ ڪم ڪرڻ جي جڳهه به آهي.جڏهن ته 250 ليٽر جي ٽينڪي به آهي. بجلي جي لاءِ سولر پينل به لڳايو ويو آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان جي لائٽ صرف هڪ لک روپين جي آهي. پربهو پنهنجي هن پروجيڪٽ جي ذريعي رهائش جي لاءِ گهٽ جڳهه ۽ گهٽ لاڳت سان تيار ڪيل گهرن جي رونمائي چاهي ٿو جنهن جي وڏن شهرن ۾ سخت ضرورت اهي ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ هي ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي.پربهو جي هن پروجيڪٽ کي بزنس ٽائيڪون ديوآنند مهندرا ڏٺو ته هو تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو ۽ پربهو جي رڪشي واري گهر سان گڏ تصوير ٽوئٽ ڪري ڇڏي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. پربهو جي به خوشي جي انتها نه رهي ڇو ته بزنس ٽائيڪون مهندرا نوجوان آرڪيٽيڪچر سان ملڻ جي خواهش جو به اظهار ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔