سائره يوسف جو تنقيد ڪندڙن کي جواب

ڪراچي: اداڪاره ۽ ماڊل سائره يوسف پاڻ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏنو جنهن کي مداحن ساراهيو.
اداڪاره سائره يوسف جي سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ڀيڻ جي سيلون مان هڪ شوٽ لاءِ تيار ٿي.
اداڪاره کي ڪجهه مداحن تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته غلطي سان زوم ٿيڻ تي خبر پئي ته سائره جي اسڪن ڪيئن آهي.
هڪ صارف چيو ته سائره پنهنجي اسڪن جو حال برو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي صارف چيو اڄ فوٽو شاپ ڪرڻ وساري ويٺي پر ڪجهه مداحن کي سندس اسڪن ۽ ميڪ اپ وڻيو.
اداڪاره اهڙي تنقيد جو مداحن کي جواب به ڏنو اهو هيئن ته اداڪاره پنهنجي انسٽا اسٽوري تي پنهنجي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ بلڪل سادي نظر اچي ٿي، جنهن تي هن اهو لکيو ته کيس سندس اسڪن تمام گهڻي پسند آهي، صرف اهو نه پر هن تصوير ۾ ”نوفلٽر“ جو هيش ٽيگ به استعمال ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔