خلا ۾ تيار ٿيندڙ پهريون هوٽل ڪيئن هوندو؟

واشنگٽن: خلا ۾ تيار ٿيندڙ پهريون اسپيس هوٽل 2025 ۾ مڪمل ٿيندو جنهن کي 2027 ۾ آپريشنل ڪيو ويندو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب زمين جي ڊيلي مدار ۾ تيار ٿيندڙ دنيا جي هن پهرين اسپيس هوٽل ۾ هوٽل، سئنيما هالز ۽ خصوصي رهائش گاهون(ليونگ پاڊز) تيار ڪيا ويندا. جڏهن ته هن هوٽل ۾ 400 ماڻهن جي گنجائش هوندي. هي هوٽل خلائي تعميرات جي حوالي سان مشهور ڪمپني آربيٽل اسيمبلي ڪارپوريشن جي طرفان تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن کي 2027 ۾ آپريشنل ڪيو ويندو.رپورٽس موجب اسپيس هوٽل ۾ اهي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون جيڪي سمنڊ ۾ هلندڙ ڪروز شپ ۾ فراهم ڪيون وينديون آهن. هي هوٽل هڪ گهمندڙ رنگ جيان ٺاهيو ويندو جنهن ۾ خاص طور تي تيار ڪيل رهائشگاهون(پوڊز) جوڙيا ويندا. رپورٽن موجب هوٽل تيار ڪندڙ ڊويلپرز طرفان خصوصي طور تي تيار ڪيل رهائشگاهون ناسا ۽ يورپي اسپيس ايجنسي کي ريسرچ لاءِ به وڪرو ڪري سگهجن ٿيون.رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هوٽل جو ڊزائن ڪيترن ئي دائرن تي ٻڌل هوندو جنهن ۾ ڪيترائي موڊيولز هوندا. انهن مان گهڻا موڊيولز دائري جي ٻاهرئين حصي ۾ تعمير ٿيندا جنهن ۾ هوٽلون وغيره هونديون جڏهن ته 24 ماڊيولز ڪمپني جي استعمال هيٺ هوندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔