عراق ۾ فوجي بيس تي راڪيٽ حملا

بغداد: عراق جي اولهه حصي ۾ هڪ فوجي ڏاي تي گهٽ ۾ گهٽ 10 راڪيٽ حملا ڪيا ويا آهن.
انبار صوبي ۾ عين الاسد نالي ان فوجي اڏي تي آمريڪي سربراهي ۾ قائم فوجي اتحاد جون فورسز مقرر آهن.
ان اتحاد جي ترجمان ڪرنل ويئن ماروٽو موجب حملا اربع جي صبح مقامي وقت موجب 7 لڳي 20 منٽن تي ڪيا ويا.
اڃا تائين انهن حملن ۾ ڪنهن جاني يا مالي نقصان جي تصديق ناهي ٿي سگهي.
واضح رهي ته آمريڪا طرفان گذريل هفتي عراق ۽ شام جي سرحد ڀرسان ايراني حمايت يافته مليشيا گروپ جي هدفن کي نشانو بڻايو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔