ميو اسپتال جا ٽي هيلٿ ورڪرز ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ جي باوجود وائرس جو شڪار

لاهور: ميو اسپتال جا 3 هيلٿ ورڪرز ويڪسين لڳرائڻ جي باوجود ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا.ميو اسپتال جو ڊاڪٽر آفتاب هيڊ نرس عصمت ۽ وارڊ انچارج تنوير ڀٽي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جنهن جون ڪورونا هاڪاري اچڻ واريون رپورٽون سامهون اچي ويون آهن.اسپتال ذريعن موجب ڊاڪٽر آفتاب کي 23 فيبروري تي ويڪسين لڳائي وئي هئي ۽ ان ۾ 5 ڏينهن کان پوءِ ڪورونا جون نشانيون ظاهر ٿيون. جڏهن ته هيڊ نرس عصمت ۽ وارڊ انچارج تنوير ڀٽي کي ڪورونا ويڪسين جي افتتاح جي موقعي تي انجيڪشن لڳايا ويا هئا. هن ٻنهي ۾ 15 ڏينهن کان پوءِ ڪورونا وائرس جون نشانيون ظاهر ٿيون. ذريعن ٻڌايو آهي ته ميو اسپتال ۾ هينئر تائين 1100 هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي.پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن لاهور جي صدر ڊاڪٽر اشرف نظامي جو چوڻ آهي ته ڪابه ويڪسين اها گارنٽي نه ڏيندي آهي ته ان جي لڳڻ سان 100 سيڪڙو نتيجا ايندا. ان لاءِ حفاظتي قدم جاري رکڻا پوندا.ٻئي طرف ترجمان پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ جو چوڻ آهي ته ڪورونا ويڪسين جي پهرين خوراڪ لڳڻ جي 14 ڏينهن کان پوءِ اينٽي باڊيز ٺهڻ شروع ٿي وئي آهي. ان ڪري ويڪسين لڳرائڻ جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔