ٿر جو ناياب وڻ روهيڙو پنهنجي معدوميت وڃائڻ جي خطري کي منهن ڏيڻ لڳو

ڪراچي: ٿر ۾ روهيڙي جي وڻ تي ڳاڙهي گلن جي لالاڻ جڏهن ٿيندي آهي ته ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ خوبصورتي ٿر جي علائقي  کي پنهنجي ٻانهن ۾ وٺي ڇڏيو هجي .

انهن گلن جي تازگي ۽ لالاڻ چانڊوڪي راتين ۽ شام جي پهر ۾ ٿر جي دڙن کي هڪ نئون روپ بخشين ٿيون

جانورن ۽ پکين لاءِ هي ڪنهن به وڏي نعمت کان گهٽ ناهي.

ٿرپار ۾ ملندڙ هن ناياب وڻ روهيڙي جي نهايت سٺي ڪاٺي ٿيندي آهي ،ان جي پيداوار تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته هي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وجهندو آهي ، هن جي ڪاٺي مان دروازا ، دريون، کٽون، بيڊ ، الماڙيون ٺاهيون وڃن ٿيون .

طبي نقطه نظرکان به ان وڻ جي تمام گهڻي اهميت آهي ، سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي مرضن جي دوا ان وڻ مان ٺاهي ويندي آهي .

ان ڪري هن وڻ جي تمام گهڻي ڊيمانڊ آهي ، ڪراچي ، سکر ، حيدرآباد ۾ ان جي ڪاٺي گهرائي ويندي آهي جتي ان مان سامان تيار ڪيو ويندو آهي ،هن جي گهرج جي ڪري هن وڻ جو وڏي پيماني تي قتل عام جاري آهي جنهن ڪري روهيڙو وڻ پنهنجي معدوميت جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي ، وقت گذرڻ سان گڏ ان جي پيداوار گهٽ ٿي رهي آهي .

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان وڻ کي معدوميت  کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ، سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔