صادق فقير گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٺي ۾ شاگردن لاءِ جديد تعليم لاءِ بهترين انتظام، لائيبريري قائم

ڪراچي: ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ ناليواري راڳي صادق فقير  جي نالي تي قائم گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٺي ۾ بهترين لائيبريري قائم ٿيل آهي،جنهن ۾ اٽڪل 6 هزار جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن 

،لائبريري صبح سوير اسڪول ٽائيم کان وٺي شام تائين کليل هوندي آهي،جنهن ۾ شاگرد ڪتابن جو مطالعو ڪن ٿا، وڏي انگ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا شاگرد لائبريري ۾ ويهي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ سان گڏ امتحانن جي وقت به تياري ڪندا آهن،

مٺي جهڙي شهر ۾ صاف سُٿري ۽ هڪ بهترين لائبريري جو موجود هجڻ اُتان جي شاگردن لاءِ هڪ سُٺو موقعو به آهي،شاگردن سان گڏ ڪاليج جا اُستاد به لائبريري ۾ ڪتابن جو مطالعو ڪن ٿا،  

ڄاڻايل لائبريري کي سنڌ حڪومت ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ فنڊ پُڻ رکيا آهن،جنهن بعد لائبريري ۾ جلدي ئي ڪمپيوٽرن سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔