دادو ۾ ٻارڙي سان زيادتي معاملو، جوابدار جي ڀاڄائي جي بيان واري وڊيو وائرل

دادو: دادو ۾ 3 سالن جي افشان سان زيادتي وارو معاملو ، واقعي ۾ گرفتار ڪيل جوابدار اياز پنهور جي ڀاڄائي جو بيان سامهون اچي ويو وڊيو وائرل اياز پنهور جي ڀاڄائي جو چوڻ آهي ته قرآن پاڪ تي چوان ٿي ڏير اياز افشان کي گهر ڪو نه کڻي آيو هو ، افشان کي ماءُ اسان جي گهر کڻي آئي ته مان ، منهنجو مڙس ۽ ڏير اياز ويٺا هئاسين، افشان جي ماءُ اسان جي گهران نڪتي آ ته 5 منٽن ۾ پوليس پهتي ۽ اياز کي گرفتار ڪري کڻي وئي، پوليس اياز تي تشدد ڪري کائنس بيان ڏياريو آهي خدا جي واسطي واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔